نئين عهد نامي

متي 21:38-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

38. پر جڏھن باغائين ھن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھيءُ مالڪ جو وارث آھي. اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘

39. پوءِ انھن ھن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“

40. عيسيٰ پڇيو تہ ”ھاڻي جڏھن باغ جو مالڪ ايندو تڏھن ھو انھن باغائين کي ڇا ڪندو؟“

مڪمل باب پڙهڻ متي 21