نئين عهد نامي

متي 21:31-46 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.

32. ڇالاءِ⁠جو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“

33. عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ ھڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.

34. جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.

35. باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ھڪڙي کي مار ڏني، ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي سنگسار ڪري ڇڏيائون.

36. وري ھُن اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا ۽ تن سان بہ انھن ساڳي ڪار ڪئي.

37. آخر ۾ ھن پنھنجو پٽ موڪليو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو خيال ھو تہ ھو اُن جي ضرور عزت ڪندا.

38. پر جڏھن باغائين ھن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھيءُ مالڪ جو وارث آھي. اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘

39. پوءِ انھن ھن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“

40. عيسيٰ پڇيو تہ ”ھاڻي جڏھن باغ جو مالڪ ايندو تڏھن ھو انھن باغائين کي ڇا ڪندو؟“

41. انھن وراڻيو تہ ”ھو ضرور انھن بڇڙن ماڻھن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين کي ٺيڪي تي ڏيندو، جيڪي کيس سندس ڀاڱو ميوي لھڻ وقت ڏيندا.“

42. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو،اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“

43. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاھت اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي ڏني ويندي جيڪا پورو پورو ميوو اُپائيندي.

44. جيڪوبہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي چُور چُور ڪري ڇڏيندو.“

45. سردار ڪاھنن ۽ فريسين جڏھن عيسيٰ جا مثال ٻڌا تہ سمجھيائون تہ ھو انھن بابت ٿو ڳالھائي،

46. تنھنڪري انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي گرفتار ڪرائين. پر کين ماڻھن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇالاءِ⁠جو انھن عيسيٰ کي نبي پئي سمجھيو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 21