نئين عهد نامي

متي 21:20-36 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. ھي ڏسي شاگرد حيران ٿي ويا ۽ پڇيائون تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“

21. عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

22. جيڪڏھن اوھين ايمان آڻيندا تہ جيڪي ⁠بہ دعا ۾ گھرندا سو اوھان کي ملي ويندو.“

23. عيسيٰ ھيڪل ۾ موٽي آيو ۽ جيئن تعليم پئي ڏنائين تہ سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“

24. عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان.

25. ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“ تنھن تي اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘

26. پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻھن کان خوف ٿو ٿئي ڇاڪاڻ⁠تہ اھي يحيٰ کي نبي ڪري پيا مڃين.“

27. تنھنڪري انھن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم پيو ڪريان.“

28. ”اوھين ھن ڳالھہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا. ھو پھريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘

29. پھريائين تہ ھن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻھي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانھن ھليو ويو.

30. پوءِ پيءُ وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. ھن جواب ۾ چيو تہ ’ھائو سائين!‘ پر ويو ڪين.

31. ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.

32. ڇالاءِ⁠جو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“

33. عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ ھڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.

34. جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.

35. باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ھڪڙي کي مار ڏني، ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي سنگسار ڪري ڇڏيائون.

36. وري ھُن اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا ۽ تن سان بہ انھن ساڳي ڪار ڪئي.

مڪمل باب پڙهڻ متي 21