نئين عهد نامي

متي 21:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن اھي يروشلم جي ويجھو ٿيا تہ زيتون جي ٽڪر تي بيت⁠فگاہ ڳوٺ ۾ آيا. اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳواٽ موڪليو.

2. انھن کي ھدايتون ڏنائين تہ ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي اوھين ڏسندا تہ ھڪ گڏھِہ پنھنجي کودڙي سميت ٻڌل ھوندي. انھن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاھي اچو.

3. جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’سائينءَ کي انھن جي ضرورت آھي.‘ پوءِ ھو ھڪدم اوھان کي اھي ڪاھڻ ڏيندو.“

4. اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيڪو نبيءَ چيو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ

5. ”صيئون جي شھر کي چئو تہ’ڏس، تنھنجو بادشاھہ تو وٽ اچي پيو،نماڻو ۽ گڏھہ تي سوار،بلڪ گڏھہ جي ٻچڙي يعني کودڙي تي.‘“

6. تڏھن شاگرد روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن عيسيٰ کين چيو ھو.

7. اُھي گڏھِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاھي آيا، مٿن پنھنجا ڪپڙا وڌائون ۽ عيسيٰ سوار ٿي ويٺو.

8. ھڪ تمام وڏي ميڙ مان ڪن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون آڻي رستي تي پکيڙي ڇڏيون.

مڪمل باب پڙهڻ متي 21