نئين عهد نامي

متي 20:26-34 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. پر اوھان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو نوڪر ٿئي،

27. ۽ جيڪو اوھان مان اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو اوھان جو غلام ٿئي.

28. ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“

29. جيئن اھي يريحو شھر مان نڪري رھيا ھئا تہ ھڪ وڏو ميڙ عيسيٰ جي پويان آيو.

30. ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا ھئا تن جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“

31. خلق انھن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اھي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“

32. تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ انھن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوھين ڇا ٿا چاھيو ۽ آءٌ اوھان جي لاءِ ڇا ڪريان؟“

33. انھن وراڻيو تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“

34. عيسيٰ کي انھن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي ھٿ لاتائين تہ اھي ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اھي بہ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 20