نئين عهد نامي

متي 20:20-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي.

21. عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي ھُن چيس تہ ”واعدو ڪريو تہ جڏھن اوھان جي بادشاھت اچي تہ منھنجو ھڪڙو پٽ اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويھي.“

22. عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“

23. تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين منھنجو پيالو پيئندا. پر پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ منھنجي اختيار ۾ نہ آھي. اھي جايون انھن جون آھن جن جي لاءِ منھنجي پيءُ تيار ڪيون آھن.“

24. جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي ٻنھي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا.

25. پر عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ قومن جا سردار ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين ۽ انھن سردارن مٿان وري اميرن کي اختيار آھي.

مڪمل باب پڙهڻ متي 20