نئين عهد نامي

متي 20:11-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. انھن پيسا تہ کنيا پر مالڪ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا تہ

12. ’اسان، جن سڄو ڏينھن پورھيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي تن کي بہ تو اوتري ئي مزوري ڏني آھي جيتري رڳو ھڪڙي پھر کان بہ گھٽ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘

13. تنھن تي ھُن انھن مان ھڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آھي. ڇا تو مون سان ھڪ چانديءَ جو سڪو مزوري ڪين ٻولي ھئي؟

14. جيڪي تنھنجو حق آھي سو وٺي ھليو وڃ. اھا منھنجي مرضي آھي تہ ھن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان.

15. ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘

16. ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“

17. جڏھن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ ھن پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ

18. ”ٻڌو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا.

19. پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

20. پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي.

21. عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي ھُن چيس تہ ”واعدو ڪريو تہ جڏھن اوھان جي بادشاھت اچي تہ منھنجو ھڪڙو پٽ اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويھي.“

22. عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 20