نئين عهد نامي

متي 2:17-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. اھڙيءَ طرح جيڪو يرمياہ نبيءَ چيو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ

18. ”راما ۾ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو،ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز.راخل پنھنجن ٻارن لاءِ روئي ٿي،اھا روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي،ڇاڪاڻ⁠تہ اُھي سڀ مري ويا آھن.“

19. ھيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو،

20. جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آھن.“

21. تنھن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.

22. جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو،

23. ۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 2