نئين عهد نامي

متي 2:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيت⁠لحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا،

2. ۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“

3. ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا.

4. ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“

5. انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيت⁠لحم ۾، ڇالاءِ⁠جو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ

6. ’اي بيت⁠لحم! يھوديہ جي ملڪ ۾،تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان،ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين.ڇالاءِ⁠جو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو،جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“

7. تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“

8. پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيت⁠لحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“

11. ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.

مڪمل باب پڙهڻ متي 2