نئين عهد نامي

متي 18:21-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. پوءِ پطرس عيسيٰ وٽ اچي پڇيو تہ ”خداوند، جيڪڏھن منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ منھنجو ڏوھہ ڪندو رھي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“

22. عيسيٰ وراڻيو تہ ”ست دفعا تہ آءٌ ڪونہ ٿو چوان، پر ستھتر دفعا.

23. ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ھڪ بادشاھہ وانگر آھي، جنھن پنھنجن نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

24. جڏھن حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس ھڪ اھڙو ماڻھو آندو ويو جنھن ڏانھن ھن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض ھئا.

25. پر ان نوڪر وٽ ايترو پيسو ڪونہ ھو جو کڻي قرض لاھي، تنھنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’ھن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آھي تنھن کي بہ وڪڻي قرض جي ادائگي ڪئي وڃي.‘

26. نوڪر پنھنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ’مون کي مھلت ڏيو. آءٌ اوھان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘

27. مالڪ کي ھن تي رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.

28. اھو نوڪر ٻاھر نڪتو تہ پنھنجو ھڪ ساٿي نوڪر مليس جنھن ڏانھن ھن جا ھڪ ⁠سؤ چانديءَ جا سڪا قرض ھئا. تنھن کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ ’مون کي منھنجو قرض ڏي.‘

29. ھن جي ساٿيءَ پيرن تي ڪري کيس ليلائي چيو تہ ’مون کي مھلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘

30. پر ھن سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين ھو قرض ادا نہ ڪري.

31. جڏھن ان جي ساٿي نوڪرن ھي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سارو احوال پنھنجي مالڪ کي ٻڌايائون.

32. تنھن تي مالڪ ان نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنھنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ تو مون کي منٿون ڪيون ھيون.

مڪمل باب پڙهڻ متي 18