نئين عهد نامي

متي 17:4-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ آءٌ ھتي ٽي تنبو کڻي کوڙيان، ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“

5. اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“

6. جڏھن شاگردن ھي آواز ٻڌو تہ اُھي ايترا تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منھن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.

7. عيسيٰ انھن وٽ اچي کين ھٿ لائي چيو تہ ”اٿو ۽ ڊڄو نہ.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 17