نئين عهد نامي

متي 17:15-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.

16. آءٌ کيس اوھان جي شاگردن وٽ وٺي آيو ھوس، پر اُھي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“

17. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“

18. عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.

19. پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ نويڪلائيءَ ۾ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسون؟“

22. جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.

23. اھي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنھن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿيا.

24. جڏھن عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم ۾ اچي پھتا تہ ھيڪل جا محصول اڳاڙيندڙ پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنھنجو استاد ھيڪل جو محصول ڏيندو آھي؟“

25. تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”ھائو.“ جڏھن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ ھن جي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي؟ دنيا جي بادشاھن کي محصول ۽ ڍلون ڪير ڏيندا آھن؟ ڇا ملڪ جا رھاڪو ڏيندا آھن يا ڌاريا؟“

26. تنھن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌاريا.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رھاڪو محصول ڏيڻ کان آجا آھن.

27. پر اسين ھنن ماڻھن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاھيون. تنھنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پھرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو ھڪ وڏو سڪو ڏسندين. اھو کڻي وڃي منھنجي ۽ پنھنجي پاران ھنن کي ھيڪل جو محصول ڏي.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 17