نئين عهد نامي

متي 17:13-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالھائي رھيو ھو.

14. جڏھن اُھي خلق ڏانھن موٽيا تہ ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي

15. چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.

16. آءٌ کيس اوھان جي شاگردن وٽ وٺي آيو ھوس، پر اُھي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 17