نئين عهد نامي

متي 16:8-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘

9. اڃا تائين اوھين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي تہ اوھان پنجن مانين جا ڳڀا پنج ھزار ماڻھن ۾ ورھايا ھئا؟ ۽ اوھان ڪيتريون کاريون بچيل ڳڀن جون ڀري کنيون ھيون؟

10. ۽ نہ وري ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائڻ ياد اٿوَ تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟

11. مون اوھان کي ماني بابت نہ چيو، پر اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ڪجو.“

12. پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خميري کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان ھوشيار رھڻ لاءِ پيو چوي.

مڪمل باب پڙهڻ متي 16