نئين عهد نامي

متي 16:10-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ۽ نہ وري ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائڻ ياد اٿوَ تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟

11. مون اوھان کي ماني بابت نہ چيو، پر اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ڪجو.“

12. پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خميري کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان ھوشيار رھڻ لاءِ پيو چوي.

13. جڏھن عيسيٰ قيصريہ فلپيءَ جي علائقي ۾ آيو تہ پنھنجن شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو ابن⁠آدم بابت ڇا ٿا چون تہ ھو ڪير آھي؟“

14. انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ يا ٻين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“

15. عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

16. تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“

17. عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.

18. آءٌ بہ تو کي چوان ٿو تہ تون ٽڪر آھين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنھنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.

19. آءٌ تو کي آسمان واري بادشاھت جون ڪنجيون ڏيندس ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي منع ڪندين تہ بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي اجازت ڏيندين تہ بھشت ۾ بہ ان جي اجازت ڏني ويندي.“

20. پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آھيان.“

21. انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 16