نئين عهد نامي

متي 16:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“

2. پر عيسيٰ انھن کي ورندي ڏني تہ ”جڏھن سج لھڻ مھل آسمان ڳاڙھو ٿو ٿئي تہ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘

3. ۽ جڏھن صبح جو آسمان ڳاڙھو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينھن پوندو.‘ اوھان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر زماني جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ.

4. ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.

5. شاگرد ڍنڍ جي ھُن ڀر ويا، پر کين ماني کڻڻ وسري ويئي.

6. پوءِ عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ٿجو.“

7. ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسين ماني ڪونہ کڻي آيا آھيون.“

8. عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘

مڪمل باب پڙهڻ متي 16