نئين عهد نامي

متي 13:48-58 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

48. جڏھن اھو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مھاڻا ان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪنڌيءَ تي ويھي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آھي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا.

49. ساڳيءَ طرح آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا،

50. ۽ کين باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اُھي رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“

51. پوءِ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھان ھي سڀ ڳالھيون سمجھيون؟“ ھنن وراڻيو تہ ”ھائو.“

52. تنھن تي ھن چين تہ ”جيڪوبہ شريعت جو عالم آسمان واري بادشاھت جو شاگرد ٿئي ٿو تہ اھو اُن گھر جي مالڪ وانگر آھي جيڪو پنھنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“

53. جڏھن عيسيٰ ھي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو

54. ۽ موٽي پنھنجي شھر ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ ھن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”ھن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اھڙي طاقت ڪٿان حاصل ڪئي آھي؟

55. ڇا ھي ڊکڻ جو پٽ نہ آھي؟ ڇا ھن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آھي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يھوداہ ھن جا ڀائر نہ آھن ڇا؟

56. ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟ ھن ھي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“

57. تنھنڪري انھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“

58. ھن اُتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي ڪونہ ھو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 13