نئين عهد نامي

متي 13:36-50 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

36. پ وءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر ھليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آھي؟“

37. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنھن سٺو ٻج پوکيو اھو ابن⁠آدم آھي،

38. ۽ ٻني ھيءَ دنيا آھي. سٺو ٻج اھي ماڻھو آھن جيڪي بادشاھت سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا.

39. دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ.

40. تنھنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙيا ويندا آھن تيئن آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو.

41. ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.

42. اُھي انھن کي باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا، جتي ھو رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.

43. پوءِ سچار پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ سج وانگر چمڪندا. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

44. ”آسمان واري بادشاھت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آھي. جڏھن ڪو ماڻھو اھو لھي ٿو تہ ھو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو. پر ھو ايترو تہ خوش ٿو ٿئي جو پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اُھا ٻني خريد ڪري ٿو.

45. آسمان واري بادشاھت موتين جي ھڪڙي سوداگر مثل پڻ آھي، جيڪو عمدا موتي ڳولي ٿو.

46. جڏھن ھو ڪو تمام عمدو موتي لھي ٿو تہ پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اھو موتي خريد ڪري ٿو.“

47. ”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي ڄار مثل بہ آھي، جيڪو ھڪ ڍنڍ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ۽ جنھن ۾ ھر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي.

48. جڏھن اھو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مھاڻا ان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪنڌيءَ تي ويھي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آھي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا.

49. ساڳيءَ طرح آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا،

50. ۽ کين باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اُھي رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 13