نئين عهد نامي

متي 13:27-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. ان ماڻھوءَ جا نوڪر آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوھان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو ھو پر ھي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘

28. تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ ’اھو ڪنھن دشمن جو ڪم آھي.‘ پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘

29. ھن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي.

30. ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پھريائين ڪانڊيرا پٽي گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري ڀانڊن ۾ رکن.‘“

31. عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو کڻي ماڻھو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.

32. جيتوڻيڪ ھو سڀني ٻجن کان ننڍو آھي پر جڏھن اُڀري ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اھو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“

33. عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“

34. عيسيٰ ميڙن کي ھي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائيندو ھو ۽ مثالن کان سواءِ انھن سان ڪلام نہ ڪندو ھو،

35. انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس۽ اُھي ڳالھيون چوندس،جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺيڳجھيون رکيون ويون آھن.“

36. پ وءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر ھليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آھي؟“

37. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنھن سٺو ٻج پوکيو اھو ابن⁠آدم آھي،

38. ۽ ٻني ھيءَ دنيا آھي. سٺو ٻج اھي ماڻھو آھن جيڪي بادشاھت سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا.

39. دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ.

40. تنھنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙيا ويندا آھن تيئن آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو.

41. ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 13