نئين عهد نامي

متي 13:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. انھيءَ ساڳئي ڏينھن عيسيٰ گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي تعليم ڏيڻ لاءِ ويھي رھيو.

2. سندس چوڌاري ايترا ماڻھو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.

3. ھو انھن کي ڪيتريون ئي ڳالھيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. ھن چيو تہ ”ھڪ ھاري ٻج ڇٽڻ ويو.

4. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.

5. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اُتي گھڻي مٽي ڪانہ ھئي، سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري،

6. جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري سڪي ويا.

7. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون.

مڪمل باب پڙهڻ متي 13