5. ڇا اوھان توريت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ھيڪل ۾ توڙي جو ڪاھن سبت جي ڏينھن جي پرھيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوھدار نہ ٿا ليکجن؟
6. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو بہ آھي جيڪو ھيڪل کان بہ وڏو آھي.
7. اھو لکيل آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي.‘ جيڪڏھن اوھين ھن جي صحيح معنيٰ سمجھو ھا تہ بيڏوھين کي ڏوھي نہ سمجھو ھا.
8. ابنآدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“
9. عيسيٰ اتان روانو ٿي انھن يھودين جي عبادتخاني ۾ ھليو ويو.
10. اُتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ھو. جڏھن تہ اُتي ڪي اھڙا فريسي بہ ھئا جيڪي چاھين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تھمت ھڻن. تنھنڪري انھن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي؟“
11. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جي رڍ سبت جي ڏينھن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اوھين ان کي جھلي ٻاھر نہ ڪڍندا؟
12. پر ماڻھو تہ رڍ کان بہ وڌيڪ قيمتي آھي، تنھنڪري سبت جي ڏينھن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آھي.“
13. پوءِ ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي ھٿ جھڙو ٿي پيس.
14. فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.