نئين عهد نامي

متي 12:45-50 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

45. پوءِ ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اُھي اُن ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي اُتي رھن ٿا ۽ اُن جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو ھن بڇڙي زماني جي ماڻھن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“

46. عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون.

47. تنھن تي ماڻھن مان ھڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”ٻڌو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ڳالھائڻ گھرن ٿا.“

48. عيسيٰ چيو تہ ”منھنجي ماءُ ڪير آھي؟ منھنجا ڀائر ڪير آھن؟“

49. پوءِ پنھنجن شاگردن ڏانھن اشارو ڪري چيائين تہ ”ڏسو، ھي منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر آھن.

50. ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي ھلندو، سو ئي منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 12