نئين عهد نامي

متي 12:33-48 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

33. ”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي.

34. اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِ⁠جو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.

35. ھڪ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالھيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون ڳالھيون ڪڍي ٿو.

36. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن ھر ھڪ کي پنھنجي بيڪار ڳالھايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.

37. ڇالاءِ⁠جو اوھان جا لفظ ئي اوھان کي ڏوھي يا بي⁠ڏوھي ٺھرائيندا.“

38. پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ڪو معجزو ڏيکار.“

39. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.

40. ڇالاءِ⁠جو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابن⁠آدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو.

41. نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اُٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن تہ يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.

42. آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.“

43. ”جڏھن ڪو ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏھن اھو ويران ھنڌن ۾ ڪا جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو، جتي ھو آرام ڪري سگھي. پر کيس آرام نہ ٿو ملي.

44. پوءِ ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘ موٽي اچڻ تي ھو ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آھي.

45. پوءِ ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اُھي اُن ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي اُتي رھن ٿا ۽ اُن جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو ھن بڇڙي زماني جي ماڻھن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“

46. عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون.

47. تنھن تي ماڻھن مان ھڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”ٻڌو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ڳالھائڻ گھرن ٿا.“

48. عيسيٰ چيو تہ ”منھنجي ماءُ ڪير آھي؟ منھنجا ڀائر ڪير آھن؟“

مڪمل باب پڙهڻ متي 12