نئين عهد نامي

متي 12:23-36 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“

24. جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“

25. عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بہ بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي ٿو سا برباد ٿيندي ۽ جنھن بہ شھر يا گھر ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو بہ ھلي نہ سگھندو.

26. پوءِ جيڪڏھن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجھس ڦيٽھڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاھت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟

27. جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍن؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا.

28. پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي روح جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اچي پھتي آھي.

29. ڪوبہ ماڻھو ڪنھن طاقتور ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين ھو پھريائين اُن طاقتور ماڻھوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنھن کان پوءِ ئي ھو سندس گھر ڦُري سگھندو.

30. جيڪو مون سان نہ آھي سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.

31. تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھر ھڪ گناھہ ۽ ڪفر ماڻھن کي بخش ٿي سگھندو، پر پاڪ روح جي خلاف بڪيل ڪفر نہ بخشيو ويندو.

32. جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“

33. ”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي.

34. اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِ⁠جو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.

35. ھڪ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالھيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون ڳالھيون ڪڍي ٿو.

36. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن ھر ھڪ کي پنھنجي بيڪار ڳالھايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 12