نئين عهد نامي

متي 12:12-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. پر ماڻھو تہ رڍ کان بہ وڌيڪ قيمتي آھي، تنھنڪري سبت جي ڏينھن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آھي.“

13. پوءِ ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي ھٿ جھڙو ٿي پيس.

14. فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.

15. جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ ھو اتان روانو ٿي ويو. ڪيئي ماڻھو سندس پٺيان ھليا، انھن ۾ جيڪي بيمار ھئا تن سڀني کي شفا ڏنائين،

16. ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”مون بابت ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“

17. اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو پورو ٿيو تہ

18. ”ڏسو، ھي منھنجو ٻانھو آھي،جنھن کي مون چونڊيو آھي.ھي منھنجو پيارو آھي،۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.آءٌ ھن تي پنھنجو روح نازل ڪندس،۽ ھي غير قومن ۾ منھنجي انصاف جو اعلان ڪندو.

19. ھي نہ جھيڙو ۽ نہ ھُل ڪندو،۽ نہ وري گھٽين ۾ ھن جو وڏو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

20. ڦٿل ڪانو بہ ھي ڪين ڀڃندو،۽ نہ وري ٽمڪندڙ وٽ کي وسائيندو.ھي ائين ڪندو ويندو، جيستائين انصاف جي فتح نہ ڪرائي،

21. ۽ ھن ۾ سڀني قومن جون اميدون ھونديون.“

22. پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.

23. ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“

24. جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 12