نئين عهد نامي

متي 12:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ان کان پوءِ ستت ئي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو تہ ھن جي شاگردن کي بک لڳي ۽ ھو اَن جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.

2. جڏھن فريسين ھي ڏٺو تہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينھن جائز نہ آھي.“

3. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان اھو ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟

4. ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ پوءِ ھن ۽ سندس ساٿين نذر جون اھي مانيون کاڌيون جيڪي رڳو ڪاھنن کي کائڻ جائز ھيون، پر کين نہ.

5. ڇا اوھان توريت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ھيڪل ۾ توڙي جو ڪاھن سبت جي ڏينھن جي پرھيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوھدار نہ ٿا ليکجن؟

6. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو بہ آھي جيڪو ھيڪل کان بہ وڏو آھي.

7. اھو لکيل آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي.‘ جيڪڏھن اوھين ھن جي صحيح معنيٰ سمجھو ھا تہ بي⁠ڏوھين کي ڏوھي نہ سمجھو ھا.

8. ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“

9. عيسيٰ اتان روانو ٿي انھن يھودين جي عبادت⁠خاني ۾ ھليو ويو.

10. اُتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ھو. جڏھن تہ اُتي ڪي اھڙا فريسي بہ ھئا جيڪي چاھين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تھمت ھڻن. تنھنڪري انھن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي؟“

11. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جي رڍ سبت جي ڏينھن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اوھين ان کي جھلي ٻاھر نہ ڪڍندا؟

12. پر ماڻھو تہ رڍ کان بہ وڌيڪ قيمتي آھي، تنھنڪري سبت جي ڏينھن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آھي.“

13. پوءِ ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي ھٿ جھڙو ٿي پيس.

مڪمل باب پڙهڻ متي 12