نئين عهد نامي

متي 11:7-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. جڏھن اُھي ھليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟

8. پر آخر ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ماڻھوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاھن جي محلن ۾ ھوندا آھن.

9. پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا، تہ ٻڌو آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.

10. يحيٰ اھو آھي جنھن بابت خدائي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ’آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿوتہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘

11. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.

12. يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وٺي ھن وقت تائين آسمان واري بادشاھت تي ڏاڍائي پئي ٿي آھي ۽ ڏاڍا ماڻھو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائين ٿا.

13. ڇالاءِ⁠جو سڀني نبين ۽ توريت اھا ڳالھہ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي آھي.

14. جيڪڏھن اوھين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو ھو سو ھي يحيٰ اٿوَ.

15. جنھن کي بہ ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

16. ھن وڌيڪ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان؟ اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ

17. ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين، اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘

18. يحيٰ نہ کائيندو نہ پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ماڻھو چون ٿا تہ ھن ۾ ڀوت آھي.

19. ابن⁠آدم تہ کائيندو پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ھر ڪو پيو چوي تہ ’ڏسو، ھو پيٽو ۽ شرابي آھي، محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو دوست آھي.‘ خدا جي سياڻپ تہ سندس ڪمن مان ئي سچي ثابت ٿئي ٿي.“

20. پوءِ عيسيٰ انھن شھرن کي نندڻ لڳو جن ۾ ھن معجزا ڪيا ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھن پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪئي ھئي.

21. ”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.

22. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اوھين صور ۽ صيدا کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.

23. اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 11