نئين عهد نامي

متي 11:21-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. ”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.

22. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اوھين صور ۽ صيدا کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.

23. اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.

24. تہ پوءِ آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن تون سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندين.“

25. تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.

26. ھا بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ائين ٿيو آھي.“

27. پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.

28. اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس.

29. منھنجي پاڃاري پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آھيان. اوھان جي روح کي آرام ملندو،

30. ڇالاءِ⁠جو منھنجي پاڃاري سولي آھي ۽ منھنجو بار ھلڪو آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 11