نئين عهد نامي

متي 11:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو اتان روانو ٿي ويو، تہ جيئن ويجھن شھرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.

2. جڏھن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ ھن پنھنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانھن موڪليا.

3. ھنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

4. تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ

5. انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

6. سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“

7. جڏھن اُھي ھليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟

8. پر آخر ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ماڻھوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاھن جي محلن ۾ ھوندا آھن.

9. پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا، تہ ٻڌو آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.

10. يحيٰ اھو آھي جنھن بابت خدائي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ’آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿوتہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘

11. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ متي 11