نئين عهد نامي

متي 10:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ پنھنجي ٻارھن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي گڏ ڪيو ۽ کين اختياري ڏنائين تہ ڀوتن کي ڪڍين ۽ ھر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين.

2. انھن ٻارھن رسولن جا نالا ھي آھن: پھريون شمعون جنھن کي پطرس ڪري سڏيندا آھن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا،

3. فلپس ۽ برٿلمئي، توما ۽ متي محصول اڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ ٿدئي،

4. شمعون قوم⁠پرست ۽ يھوداہ اسڪريوتي جنھن بعد ۾ دغا ڪري عيسيٰ کي پڪڙايو.

5. انھن ٻارھن رسولن کي عيسيٰ ھيٺين ھدايتن سان روانو ڪيو تہ ”ڪنھن بہ غير قوم جي علائقي ڏانھن يا سامرين جي شھرن ۾ نہ وڃجو،

6. پر بني اسرائيل جي گھراڻي جون جيڪي رڍون گمراھہ ٿي ويون آھن تن وٽ وڃجو.

7. جتان جتان لنگھو تہ اھو اعلان ڪندا وڃجو تہ ’آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.‘

8. بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.

9. کيسي ۾ پاڻ سان سون، چانديءَ يا ٽامي جو ڪوبہ سڪو نہ کڻجو،

10. سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِ⁠جو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو.

11. جڏھن اوھين ڪنھن شھر يا ڳوٺ ۾ وڃو تہ جاچ ڪجو تہ اھڙو ڪو آھي جو اوھان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوھين وٽس ايستائين ٽڪجو جيستائين اُن شھر مان روانا نہ ٿيو.

12. جڏھن ڪنھن گھر ۾ وڃو تہ سلام ڪجو.

13. جيڪڏھن گھر جي مالڪن سلام وراڻيو تہ اوھان جو سلام مٿن رھندو، پر جيڪڏھن نہ ورائيندا تہ اوھان جو سلام اوھان ڏانھن موٽي ايندو.

14. جيڪڏھن ڪو گھر يا شھر اوھان جو آڌرڀاءُ نہ ڪري يا اوھان جي ڳالھہ نہ ٻڌي، تہ پوءِ اھا جاءِ ڇڏجو ۽ پنھنجي پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو.

مڪمل باب پڙهڻ متي 10