نئين عهد نامي

لوقا 9:40-52 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

40. مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“

41. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“

42. ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس ھيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.

43. سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا.جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

44. ”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“

45. پر ھنن اھا ڳالھہ نہ سمجھي ۽ اھا انھن کان ڳجھي رھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو اھا نہ سمجھن. انھيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

46. شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آھي؟“

47. پر عيسيٰ سندن دل جو اھو خيال ڄاڻي ورتو، سو ھڪڙو ننڍڙو ٻار کڻي پنھنجي ڀرسان بيھاريائين.

48. پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“

49. يوحنا چيو تہ ”اي سائين! اسان ھڪڙي ماڻھوءَ کي اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇوتہ ھو اسان سان گڏ تنھنجي پيروي نہ ٿو ڪري.“

50. پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو اوھان جي خلاف نہ آھي اھو اوھان جي پاسي آھي.“

51. جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.

52. پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 9