نئين عهد نامي

لوقا 9:17-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. پوءِ تہ انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون ٻارھن کاريون ڀري کنيائون.

18. ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

19. شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“

20. ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“

21. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“

22. کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“

23. پوءِ سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منھنجي پٺيان اچڻ گھري، سو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ روزانو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.

24. ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي جان بچائڻ چاھيندو سو اھا وڃائيندو. پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو، سو انھيءَ کي بچائيندو.

25. جيڪڏھن ماڻھو کڻي سڄي دنيا ھٿ ڪري، پر پنھنجي جان وڃائي يا انھيءَ کي نقصان ۾ وجھي ڇڏي تہ ڪھڙو فائدو ٿيندس؟

26. ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنھن کان ابن⁠آدم بہ شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي، پنھنجي پيءُ جي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو.

27. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاھت کي نہ ڏسندا.“

28. انھن ڳالھين کان پوءِ اٽڪل اٺن ڏينھن بعد عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي ھڪڙي جبل تي دعا گھرڻ لاءِ ويو.

29. جيئن ئي ھو دعا گھري رھيو ھو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي.

30. اتي جو اتي ٻن شخصن کي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪندي ڏٺو ويو، جيڪي موسيٰ ۽ الياس نبي ھئا،

31. جن جلال ۾ پئي ڏيکاري ڏني ۽ سندس موت بابت ڳالھايو پئي جو يروشلم ۾ ٿيڻو ھو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 9