نئين عهد نامي

لوقا 8:7-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جي انھن سان گڏ اُڀريا تن اُنھن کي اُسرڻ نہ ڏنو.

8. ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سوء⁠ڻو ڦر ڏنائون.“ اھي ڳالھيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

9. عيسيٰ کان سندس شاگردن پڇيو تہ ”ھن مثال جو مطلب ڇا آھي؟“

10. تنھن تي ھن چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آھي تہ اھي نھاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“

11. ”ھاڻي انھيءَ مثال جو مطلب ھي آھي تہ ٻج آھي خدا جو ڪلام.

12. جيڪي رستي تي ڪريا تنھن رستي جي معنيٰ اُھي ماڻھو آھن جيڪي ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انھيءَ ڪلام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اھي ايمان آڻين ۽ کين ڇوٽڪارو ملي.

13. ٽڪر وارا اھي ماڻھو آھن، جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا تڏھن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ ھئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مھل ڦري ٿا وڃن.

14. جيڪي ڪانڊيرن ۾ ڪريا سي ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن، جي ٻڌن تہ ٿا پر ھلندي ھلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.

15. پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اھي ماڻھو آھن جي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ سالم دماغ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ صبر سان ڦر جھلين ٿا.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 8