نئين عهد نامي

لوقا 8:39-56 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

39. ”وڃي ٻڌاءِ تہ خدا تو سان ڪھڙي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“ پوءِ ھو موٽي ويو ۽ وڃي سڄي شھر ۾ مشھور ڪيائين تہ ”عيسيٰ مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“

40. جڏھن عيسيٰ موٽي آيو تڏھن ماڻھن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇوتہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.

41. ان وقت عبادت⁠خاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“

42. ڇوتہ ھن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنھن جي عمر اٽڪل ٻارھن ورھيہ ھئي سا مرڻ تي ھئي.پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻھو مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا.

43. اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو ۽ ھن پنھنجي سڄي ميڙي چونڊي طبيبن پٺيان وڃائي ڇڏي ھئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو ھوس.

44. اھا عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين تہ انھيءَ گھڙيءَ ھن جو رت وھڻ بند ٿي ويو.

45. تڏھن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنھن ھٿ لاتو؟“ تنھن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيو تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي ڳاھٽ پيا ٿين ۽ اوھان تي ڪرن ٿا پيا.“

46. پر عيسيٰ چيو تہ ”ڪنھن تہ مون کي ھٿ لاتو. آءٌ ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ مون مان قدرت نڪتي آھي.“

47. جڏھن عورت ڏٺو تہ ’آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،‘ تڏھن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. ھن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪھڙي سبب ھن کيس ھٿ لاتو ۽ ڪھڙيءَ طرح ھوءَ ھڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.

48. عيسيٰ چيس تہ ”اي ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“

49. اڃا ھن ڳالھايو ئي بيٺي تہ عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ جي گھر مان ڪنھن اچي يائرس کي چيو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي. ھاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“

50. پر عيسيٰ ھي ٻڌي کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک تہ ھوءَ بچي پوندي.“

54. اتي عيسيٰ ڇوڪريءَ جو ھٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اٿ.“

55. تڏھن ھن ۾ وري ساھہ اچي پيو ۽ ھوءَ ھڪدم جيئري ٿي اٿي ويٺي. عيسيٰ حڪم ڏنو تہ ”ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيوس.“

56. ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي حيراني وٺي ويئي. سو عيسيٰ کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”ھي جيڪي ڪجھہ ٿيو آھي، تنھن جي ڪنھن سان بہ ڳالھہ نہ ڪجو.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 8