نئين عهد نامي

لوقا 8:32-46 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

32. ڀرسان ھڪڙو سوئرن جو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو. پوءِ ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي ھنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو ھن کين موڪل ڏني.

33. تنھن تي اھي ڀوت انھيءَ ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو ڌڻ لاھيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مئو.

34. مال چارڻ وارا اھو حال ڏسي وٺي ڀڳا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون.

35. تنھن تي ماڻھو اھو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اھو ماڻھو جنھن مان ڀوت نڪري ويا ھئا، سو ڪپڙا پائي پوري ھوش ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آھي. انھن سڀني کي ڊپ وٺي ويو،

36. ۽ جن اھو رنگ ڏٺو ھو، تن انھن کي ٻڌايو تہ ڪھڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو.

37. گراسينين جي اوسي⁠پاسي⁠ وارن سڀني ماڻھن کيس منٿ ڪئي تہ ”اسان وٽان ھليو وڃ،“ ڇوتہ انھن کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ھو. سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي موٽي ويو.

38. جنھن ماڻھوءَ مان ڀوت نڪري ويا ھئا، تنھن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي ھلو.“ پر عيسيٰ کيس موٽائي گھر موڪليو ۽ چيائينس تہ

39. ”وڃي ٻڌاءِ تہ خدا تو سان ڪھڙي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“ پوءِ ھو موٽي ويو ۽ وڃي سڄي شھر ۾ مشھور ڪيائين تہ ”عيسيٰ مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“

40. جڏھن عيسيٰ موٽي آيو تڏھن ماڻھن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇوتہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.

41. ان وقت عبادت⁠خاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“

42. ڇوتہ ھن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنھن جي عمر اٽڪل ٻارھن ورھيہ ھئي سا مرڻ تي ھئي.پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻھو مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا.

43. اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو ۽ ھن پنھنجي سڄي ميڙي چونڊي طبيبن پٺيان وڃائي ڇڏي ھئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو ھوس.

44. اھا عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين تہ انھيءَ گھڙيءَ ھن جو رت وھڻ بند ٿي ويو.

45. تڏھن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنھن ھٿ لاتو؟“ تنھن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيو تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي ڳاھٽ پيا ٿين ۽ اوھان تي ڪرن ٿا پيا.“

46. پر عيسيٰ چيو تہ ”ڪنھن تہ مون کي ھٿ لاتو. آءٌ ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ مون مان قدرت نڪتي آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 8