نئين عهد نامي

لوقا 8:32-34 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

32. ڀرسان ھڪڙو سوئرن جو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو. پوءِ ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي ھنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو ھن کين موڪل ڏني.

33. تنھن تي اھي ڀوت انھيءَ ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو ڌڻ لاھيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مئو.

34. مال چارڻ وارا اھو حال ڏسي وٺي ڀڳا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 8