نئين عهد نامي

لوقا 8:3-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مال⁠متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.

4. جڏھن شھر شھر جا ماڻھو عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا تہ ھڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ ھڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ

5. ”ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو ۽ ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جي لتاڙجي ويا ۽ پکي انھن کي چُڳي ويا.

6. ڪي داڻا وري ٽڪر تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇوتہ انھن کي ريج ڪونہ پھتو ھو.

7. ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جي انھن سان گڏ اُڀريا تن اُنھن کي اُسرڻ نہ ڏنو.

8. ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سوء⁠ڻو ڦر ڏنائون.“ اھي ڳالھيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

9. عيسيٰ کان سندس شاگردن پڇيو تہ ”ھن مثال جو مطلب ڇا آھي؟“

10. تنھن تي ھن چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آھي تہ اھي نھاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“

11. ”ھاڻي انھيءَ مثال جو مطلب ھي آھي تہ ٻج آھي خدا جو ڪلام.

12. جيڪي رستي تي ڪريا تنھن رستي جي معنيٰ اُھي ماڻھو آھن جيڪي ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انھيءَ ڪلام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اھي ايمان آڻين ۽ کين ڇوٽڪارو ملي.

13. ٽڪر وارا اھي ماڻھو آھن، جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا تڏھن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ ھئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مھل ڦري ٿا وڃن.

14. جيڪي ڪانڊيرن ۾ ڪريا سي ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن، جي ٻڌن تہ ٿا پر ھلندي ھلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 8