نئين عهد نامي

لوقا 8:19-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري ھن تائين پھچي نہ سگھيا.

20. تنھن تي ڪن چيس تہ ”اوھان جي ماءُ ۽ اوھان جا ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ملڻ ٿا چاھين.“

21. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر اھي آھن جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا.“

22. ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ گھڙي آيو ۽ کين چيائين تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر ھلون.“ سو ھو ٻيڙي ڇوڙي روانا ٿيا.

23. جيئن ھو ھليا پئي تہ عيسيٰ کي ننڊ وٺي ويئي. ڍنڍ تي ڏاڍو واءُ اچي ڇٽڪيو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي ۽ انھن جي جان خطري ۾ ھئي.

24. تڏھن اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس جاڳائي چيائون تہ ”اي سائين! اي سائين! اسين تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ تنھن تي ھو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنھن تي طوفان بيھجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.

25. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو ايمان ڪٿي آھي؟“ تنھن تي اھي ڊڄي ويا ۽ عجب وچان ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ کيس مڃن ٿا!“

26. پوءِ اھي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پھتا جو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آھي.

27. جڏھن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو، جنھن ۾ ڀوت ھئا. ھو ڪيترن ڏينھن کان نڪي ڪپڙا پائيندو ھو ۽ نڪي گھر ۾ رھندو ھو، پر قبرستان ۾ گذاريندو ھو.

28. جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“

29. ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ انھيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو ھو تہ ”ھن ماڻھوءَ مان نڪري وڃ.“ اھو ڀوت اڪثرانھيءَ کي وٺندو ھو ۽ ماڻھو کيس زنجيرن ۽ ٻيڙين سان ٻڌي قابو ڪندا ھئا، پر ھو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو ھو ۽ ڀوت کيس رڻ⁠پٽ ۾ گھلي ويندو ھو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 8