نئين عهد نامي

لوقا 8:15-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اھي ماڻھو آھن جي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ سالم دماغ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ صبر سان ڦر جھلين ٿا.“

16. ”اھڙو ڪوبہ ڪونھي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي ھيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

17. مطلب تہ اھڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ آھي جنھن جي خبر نہ پوندي ۽ جيڪا ظاھر نہ ٿيندي.

18. تنھنڪري خبردار رھو تہ اوھين ڪھڙيءَ طرح ٿا ٻڌو، ڇوتہ جنھن وٽ ڪجھہ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جنھن کي ھو پنھنجو سمجھي ٿو.“

19. عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري ھن تائين پھچي نہ سگھيا.

20. تنھن تي ڪن چيس تہ ”اوھان جي ماءُ ۽ اوھان جا ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ملڻ ٿا چاھين.“

21. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر اھي آھن جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا.“

22. ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ گھڙي آيو ۽ کين چيائين تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر ھلون.“ سو ھو ٻيڙي ڇوڙي روانا ٿيا.

23. جيئن ھو ھليا پئي تہ عيسيٰ کي ننڊ وٺي ويئي. ڍنڍ تي ڏاڍو واءُ اچي ڇٽڪيو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي ۽ انھن جي جان خطري ۾ ھئي.

24. تڏھن اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس جاڳائي چيائون تہ ”اي سائين! اي سائين! اسين تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ تنھن تي ھو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنھن تي طوفان بيھجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 8