نئين عهد نامي

لوقا 6:36-45 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

36. مھربان ٿيو، جيئن توھان جو پيءُ مھربان آھي.“

37. ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي.

38. ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“

39. عيسيٰ کين ھڪ مثال ڏيئي ٻڌايو تہ ”ڇا ڪو انڌو، ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.

40. ڪوبہ شاگرد استاد کان مٿي نہ آھي، پر ھر ڪو شاگرد جڏھن سکيا پوري ڪندو، تڏھن استاد جھڙو ٿي پوندو.

41. ڇو ٿو ڪنھن جي اک جو ڪک ڏسين ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيو اٿيئي، ان جو تو کي ڪوبہ خيال نہ آھي؟

42. تون ڪيئن ان کي چوندين تہ ’مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ پنھنجي اک ۾ شھتير پيل اٿيئي، سو بہ نہ ٿو ڏسي سگھين؟ اي رياڪار! پھريائين تون پنھنجيءَ اک مان شھتير ڪڍ، تڏھن تون ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ۽ ڪڍي سگھندين.“

43. ”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو.

44. سڀڪنھن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي، ڇوتہ ماڻھو ڪنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن.

45. نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪو چڱو آھي سو ئي ڪڍي ٿو ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آھي سو ئي ڪڍي ٿو. ڇاڪاڻ⁠تہ ’دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.‘“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 6