نئين عهد نامي

لوقا 6:33-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

33. جيڪي توھان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن توھان ڀلائي ڪئي تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ ڇالاءِ⁠جو گنھگار بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.

34. جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آھي تن کي جيڪڏھن توھان اڌارو ڏنو تہ ڪھڙي مھرباني ٿي؟ گنھگار بہ تہ گنھگارن کي اڌارو ڏيئي وري انھن کان موٽائي وٺندا آھن.

35. پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.

36. مھربان ٿيو، جيئن توھان جو پيءُ مھربان آھي.“

37. ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي.

38. ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“

39. عيسيٰ کين ھڪ مثال ڏيئي ٻڌايو تہ ”ڇا ڪو انڌو، ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.

40. ڪوبہ شاگرد استاد کان مٿي نہ آھي، پر ھر ڪو شاگرد جڏھن سکيا پوري ڪندو، تڏھن استاد جھڙو ٿي پوندو.

41. ڇو ٿو ڪنھن جي اک جو ڪک ڏسين ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيو اٿيئي، ان جو تو کي ڪوبہ خيال نہ آھي؟

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 6