نئين عهد نامي

لوقا 6:23-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا.

24. پر مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت دولتمند آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين آرام وٺي چڪا.

25. مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت ڍاول آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين بکون ڪڍندا.مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت کلو ٿا،ڇالاءِ⁠جو اوھين ماتم ڪندا ۽ روئندا.

26. مصيبت آھي توھان لاءِ، جڏھن سڀ ماڻھو توھان کي ساراھين ٿا، ڇالاءِ⁠جو انھن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا ھئا.“

27. ”پر اي منھنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ توھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوھان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو.

28. جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بي⁠عزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو.

29. جيڪو توھان جي ھڪ ڳل تي چماٽ ھڻي تنھن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو توھان جو ڪوٽ کڻي وڃي تنھن کي پھراڻ بہ کڻي وڃڻ ڏيو.

30. جيڪو توھان کان ڪجھہ گھري تنھن کي ڏيو. جيڪو توھان جو مال کڻي وڃي تنھن کان موٽائي نہ گھرو.

31. جھڙو سلوڪ اوھين ماڻھن کان چاھيو ٿا تھڙو ئي سلوڪ اوھين ٻين سان ڪريو.

32. جيڪي توھان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن اوھان پيار ڪيو تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ گنھگار بہ تہ پنھنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا.

33. جيڪي توھان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن توھان ڀلائي ڪئي تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ ڇالاءِ⁠جو گنھگار بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.

34. جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آھي تن کي جيڪڏھن توھان اڌارو ڏنو تہ ڪھڙي مھرباني ٿي؟ گنھگار بہ تہ گنھگارن کي اڌارو ڏيئي وري انھن کان موٽائي وٺندا آھن.

35. پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.

36. مھربان ٿيو، جيئن توھان جو پيءُ مھربان آھي.“

37. ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي.

38. ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 6