10. ھُن چوڌاري نھاري ان ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ائين ئي ڪيو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.
11. ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
12. انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو. ھن ساري رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاري.
13. جڏھن ڏينھن ٿيو تہ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انھن مان ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين:
14. شمعون جنھن جو نالو پطرس رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برٿلمئي،
15. متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنھن کي ”قومپرست“ ڪري چوندا ھئا،
16. يعقوب جو پٽ يھوداہ ۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن بعد ۾ دغا ڪري پڪڙايس.
17. عيسيٰ ھنن سان گڏ جبل تان ھيٺ لھي ھڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ سڄي يھوديہ، يروشلم، صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري کان گھڻا ماڻھو اچي مڙيا.
18. ھو انھيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالھيون ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل ھئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون.