نئين عهد نامي

لوقا 5:27-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. ھن کان پوءِ عيسيٰ ٻاھر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ ھڪڙو لاويءَ نالي محصول اڳاڙيندڙ پنھنجي اڏي تي ويٺو آھي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

28. لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.

29. پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا.

30. ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“

31. تنھن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ بلڪ بيمارن کي طبيب جي گھرج ھوندي آھي.

32. آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنھگارن کي توبھہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

33. ڪن ماڻھن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آھن ۽ دعائون گھرندا آھن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آھن. پر تنھنجا شاگرد تہ کائين پيئن ٿا.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 5