نئين عهد نامي

لوقا 5:18-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگي ماڻھوءَ کي کٽولي تي کنيو پئي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ ھن کي اندر کڻي عيسيٰ جي اڳيان رکن.

19. پر ميڙ جي ڪري انھن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنھنڪري ھو ڪوٺي تي چڙھي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس ھيٺ ماڻھن جي وچ ۾ عيسيٰ جي اڳيان ڪري لاٿائون.

20. جڏھن عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏٺو تہ بيمار کي چيائين تہ ”ادا، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“

21. تنھن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ڪفر ٿو بڪي؟ ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“

22. عيسيٰ انھن جا ارادا سمجھي ويو ۽ کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟

23. ڇا ھي سولو آھي تہ ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ تو کي بخش ٿيا،‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر؟‘

24. پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

25. تنھن تي ھڪدم ھو انھن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنھن کٽولي تي پيل ھو سو کنيائين ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي گھر ڏانھن راھي ٿيو.

26. ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“

27. ھن کان پوءِ عيسيٰ ٻاھر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ ھڪڙو لاويءَ نالي محصول اڳاڙيندڙ پنھنجي اڏي تي ويٺو آھي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

28. لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.

29. پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا.

30. ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“

31. تنھن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ بلڪ بيمارن کي طبيب جي گھرج ھوندي آھي.

32. آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنھگارن کي توبھہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

33. ڪن ماڻھن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آھن ۽ دعائون گھرندا آھن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آھن. پر تنھنجا شاگرد تہ کائين پيئن ٿا.“

34. عيسيٰ وراڻين تہ ”جيسين گھوٽ ڄاڃين سان آھي، تيسين اوھين انھن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟

35. پر ڪو وقت ايندو جڏھن کانئن گھوٽ جدا ڪيو ويندو تہ انھن ڏينھن ۾ ھو بہ روزا رکندا.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 5