نئين عهد نامي

لوقا 5:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھڪڙي دفعي جڏھن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو ھو تہ ماڻھن جا ميڙ مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا، انھيءَ لاءِ تہ خدا جو ڪلام ٻڌن.

2. تڏھن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ھن ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون. مھاڻن ٻيڙين مان لھي پنھنجا ڄار پئي ڌوتا.

3. عيسيٰ انھن مان ھڪڙيءَ ۾ چڙھي پيو، جيڪا شمعون جي ھئي. ھن شمعون کي ڪنڌيءَ کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي ھن ميڙ کي تعليم ڏني.

4. جڏھن عيسيٰ ڳالھائي بس ڪئي تڏھن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونھي پاڻيءَ ۾ ڪاھي ھل ۽ اتي اوھين شڪار لاءِ پنھنجا ڄار وجھو.“

5. تنھن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آھي پر ڪجھہ بہ ھٿ نہ آيو آھي، تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن اوھين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“

6. انھن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن.

7. تنھن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي ھئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. ھو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون.

8. جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گنھگار آھيان.“

9. شمعون سان گڏوگڏ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا.

10. انھن سان گڏ شمعون جي ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا بہ عجب ۾ پئجي ويا. تنھن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون ماڻھن کي ڦاسائيندين.“

11. اھي ٻيڙين کي ڌڪي ڪنڌيءَ تي ڪاھي ويا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھليا.

12. ھڪ دفعي عيسيٰ ڪنھن شھر ۾ ويو جتي ھڪ ماڻھو ڪوڙھہ جھڙي مرض سان ورتل ھو. ھن جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منھن ڀر ڪري نيزاري ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

13. عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ ان کي لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم سندس ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 5