42. جڏھن ڏينھن ٿيو تہ ھو نڪري ھڪڙي ويران ھنڌ تي آيو. ماڻھن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ جھلڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“
43. پر ھن انھن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ٻين شھرن ۾ بہ ڪرڻي آھي. ڇالاءِجو آءٌ انھيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آھيان.“
44. ھو سڄي ملڪ جي عبادتخانن ۾ تبليغ ڪندو رھيو.