نئين عهد نامي

لوقا 4:4-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي.‘“

5. پوءِ شيطان کيس ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ ھڪ پل ۾ دنيا جون مڙيئي بادشاھتون ڏيکاريائينس.

6. شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انھن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس ڇوتہ اھو مون تي ڇڏيل آھي تہ جنھن کي چاھيان تنھن کي ڏيان.

7. سو جيڪڏھن تون مون کي سجدو ڪندين تہ اھو سڀ ڪجھہ تنھنجو ٿيندو.“

8. تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’تون رڳو خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

9. تنھن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ڪيراءِ،

10. ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنھنجي سنڀال ڪندا.

11. اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا تہ جيئن تنھنجو پير پٿر تي نہ لڳي.‘“

12. عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ھي لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“

13. پوءِ جڏھن شيطان عيسيٰ کي ھر طرح سان آزمائي چڪو تہ ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس ھليو ويو.

14. پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي.

15. ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.

16. پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.

17. کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ ھن اھو ھنڌ کوليو جتي لکيل ھو تہ

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 4