نئين عهد نامي

لوقا 4:27-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. اليشع نبيءَ جي ڏينھن ۾ اسرائيل ۾ ڪيترائي ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا ھئا پر انھن مان ڪنھن کي بہ شفا ڪانہ ملي، بلڪ رڳو نعمان شاميءَ کي ملي.“

28. اھي ڳالھيون ٻڌندي ئي جيڪي⁠بہ عبادت⁠خاني ۾ ھئا، سي سڀيئي ڏاڍا ڪاوڙيا،

29. ۽ اٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گھلي شھر کان ٻاھر ڪڍيائون. جنھن ٽڪريءَ تي سندن شھر ٻڌل ھو، تنھن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ مٿان اڇلائينس.

30. پر ھو انھن جي وچ مان ئي نڪري پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو.

31. ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينھن تي ماڻھن کي تعليم پئي ڏنائين.

32. اھي سڀيئي ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن جو ڪلام ائين ھو جيئن ڪو اختيار وارو ڳالھائي.

33. عبادت⁠خاني ۾ ھڪڙو ماڻھو ھو جنھن تي ڪنھن ڀوت جو پاڇو ھو، تنھن وڏي رڙ ڪري چيو تہ

34. ”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“

35. تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو.

36. تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِ⁠جو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“

37. اوسي⁠پاسي واري علائقي ۾ جتي ڪٿي عيسيٰ جي ھاڪ پئجي ويئي.

38. عيسيٰ عبادت⁠خاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار ھو، سو ھنن اُن جي لاءِ چيس.

39. ھو ان وٽ ويو ۽ مٿانئس بيھندي بخار کي حڪم ڪيائين تہ بخار کيس ڇڏي ويو. ھوءَ ھڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ ھنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.

40. سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.

41. ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 4