نئين عهد نامي

لوقا 4:19-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. ۽ اعلان ڪريان تہخداوند جي مھربانين جو سال آيو آھي.“

20. پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويھي رھيو. عبادت⁠خاني ۾ سڀيئي ھن کي چتائي ڏسن پيا.

21. تڏھن ھنن کي ٻڌايائين تہ ”اڄ اوھان جي ٻڌندي ئي ھيءَ لکت پوري ٿي آھي.“

22. سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“

23. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“

24. تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”سچ پڇو تہ ڪنھن بہ نبيءَ جو پنھنجي وطن ۾ قدر نہ ٿو ٿئي.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 4